عنوانن لاءِملٽي لنگيوئلنئون فونٽ

ايم بي صارِم محمد سليمان وساڻ

فونٽ جون خوبيون
  • حرڪتون مقرر جڳھين تي رکيون ويون آھن
  • ھ جي شڪلين کي درست ڪوڊ ڪيل آھي
  • سنڌي ٻوليءَ سان گڏ و گڏ اردو، سرائڪي، عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جي سپورٽ شامل آھي

ھي ايم بي صارِم محمد سليمان وساڻ جو تازو ورشن آھي جيڪو جديد يونيڪوڊ جي معيار جي عين مطابق پڻ آھي. ھن فونٽ کي اوھان پنھنجي تحرير جي عنوانن کي سينگارڻ لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا. ايم بي صارِم محمد سليمان وساڻ ۾ يونيڪوڊ جي نئين اپڊيٽ پٽاندر ھ جي مختلف شڪلين کي درست طريقي سان ڪوڊ ڪيو ويو آھي. يعني ھن فونٽ جي ذريعي وسرڳ ۽ ھ وينجن جي مسئلي کي پڻ آسانيءَ سان سنواري سگهو ٿا. ايم بي صارم محمد سليمان وساڻ کي اوھان بغير معاوضي جي ڊائونلوڊ ڪري ڪنھن بہ ذاتي يا تجارتي مقصد لاءِ بلڪل استعمال ڪري سگهو ٿا، ورھائي سگهو ٿا. ياد رھي تہ ھي فونٽ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ و گڏ اردو، سرائڪي، عربي ۽ فارسي ٻولين کي پڻ سپورٽ ڪري ٿو.

سائِيۡن٘مِ سَدائِيۡن٘ ڪَرِيۡن٘ مَٿي سِنۡڌُ سُڪارَ،
دوستَ مِٺا دِلۡدارَ عالَمَ سَڀُ آبادِ ڪَريۡن٘.

سنڌي ٻوليءَ لاءِ خاص طور تي سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ بي لوث خدمتون سرانجام ڏيندڙ ھڪ اھم شخصيت محترم محمد سليمان وساڻ جي نانءِ جيڪو پنھنجي ذات ۾ ھڪ گهڻ پاسائين ۽ ارپڻ جي جذبي سان ٽمٽار شخصيت جو مالڪ آھي. ھو نہ صرف سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ترقيءَ ۾ سگهاري انداز سان سرگرمِ عمل آھي پر سنڌي ادب ۽ اديبن سان سندس محبتون پڻ مثالي آھن. مان ذاتي طور سندس اھڙي جذبي جو دلي طور تي قدردان رھيو آھيان ۽ دعاگو رھندو آھيان تہ ھميشہ ائين ئي سنڌي ٻولي، ادب ۽ ڪمپيوٽنگ جي ترقيءَ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندو رھي.اللہ سائين مھربان کيس ھميشہ کلندو مسڪرائيندو، تندرست ۽ توانو رکي. مان پنھنجي پاران محترم مُحَمَّد سُليمان وَساڻ جي اھڙي بي لوث جذبي کي ڀيٽا پيش ڪندي ھڪ ننڍڙي تحفي طور پنھنجو ھڪ نئون سنڌي فونٽ ايم بي صارِم محمد سليمان وساڻ (ملٽي لنگيوئل سپورٽ رکندڙ) سندس نانءِ ڪيان ٿو.

بغير اجازت جي اوھان ايم بي صارم محمد سليمان وساڻ يا ”ايم بي صارم“ جو  ڪو بہ فونٽ پنھنجي ويبسائيٽ تي ڊائونلوڊڻ لاءِ نہ ٿا رکي سگهو.

ڊائون لوڊ ڪيو

 

 

ھڪجھڙيون ڀاڱيداريون

2 تبصرا ڪيا ويا آھن

پنھنجي راءِ ڏيو

Back to top button
%d bloggers like this: