
پڪسل ليب ھڪ اوپن سورس اينڊرائيڊ ايپليڪيشن آھي جيڪا استعمال ۾ نھايت سادي ۽ آسان آھي.
موبائيل فون ۾ پنھنجي تصويرن جي مٿان خوبصورت، من موھيندڙ لکتي نمونا، ٿري ڊي لکتون، شڪليون، اسٽيڪر ۽ مختلف قسمن جون ڊرائنگس لڳائڻ جي لاءِ پڪسل ليب کان وڌيڪ بھتر ايپ شايد ئي پلي اسٽور تي موجود ھجي.
نھايت ئي آسان ۽ صاف انٽرفيس سان موجود ھيءَ ايپليڪيشن اوھان کي پنھنجي تصويرن يا ڪنھن بہ قسم جي سوشل ميڊيائي تصويري ڀاڱيداري تيار ڪرڻ لاءِ زبردست مدد فراھم ڪري ٿي. پڪسل ليب ۾ 60 کان مٿي منفرد سھولتون موجود آھن. جن ذريعي اوھان پنھنجي تصويرن ٻيون مختلف قسم جي ڀاڱيندارين تي خوبصورت قسم جا لکتي نمونا تيار ڪري سگهو ٿا ۽ انھن لکتن کي ٿري ڊي شڪلين ۾ ٺاھي وڌيڪ پرڪشش بڻائي سگهو ٿا.
پلي اسٽور تان آسانيءَ سان پڪسل ليب کي ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿو. جنھن جا گهڻا فيچرس تہ بلڪل مفت آھن.
پڪسل ليب جي سڀ کان بھترين ڳالهہ اھا آھي تہ ھن ۾ 100 کان مٿي فونٽ موجود آھن گڏ و گڏ اوھان پنھنجي مرضيءَ سان فونٽس پڻ ان ۾ ڳنڍي سگهو ٿا.
اھو ڪيئن اچو تہ ھيٺين تصويرن جي مدد سان پڪسل ليب ۾ پنھنجي مرضيءَ سان فونٽس ڳنڍڻ سکون ٿا.
سڀ کان پھرين پڪسل ليب ايپليڪيشن کي کوليو
New Text کي ايڊٽ ڪرڻ لاءِ مٿي پينسل کي چونڊيو
New Text ھٽائي پنھنجي مرضيءَ جو ڪجهہ بہ لکو
لکت ۾ پنھنجي مرضيءَ جو فونٽ لڳايو
پنھنجي پسند جا فونٽ پڪسل ليب سان ڳنڍيو
گهربل فونٽ فولڊر چونڊي ايڊ ڊائريڪٽري تي ڇُھو
فونٽ ڊائريڪٽري ايڊ ٿي وڃڻ کان پوءِ پنھنجي پسند جو فونٽ لکت تي لڳايو
مڪمل ٿيو
تمام بهترين ايپليڪيشن مان استعمال ڪندڙ آھيان