عنوانن لاءِملٽي لنگيوئلنئون فونٽ

ايم بي صارِم ڊاڪٽر الطاف جوکيو

نئون فونٽ

ھي منھنجي نئين فونٽ ايم بي صارِم ڊاڪٽر الطاف جوکيو جو ڏيک آھي جيڪو جديد يونيڪوڊ جي معيار جي عين مطابق پڻ آھي. ھن فونٽ کي اوھان پنھنجي تحرير جي عنوانن کي سينگارڻ لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا. ايم بي صارِم ڊاڪٽر الطاف جوکيو ۾ يونيڪوڊ جي نئين اپڊيٽ پٽاندر ھ جي مختلف شڪلين کي درست طريقي سان ڪوڊ ڪيو ويو آھي. يعني ھن فونٽ جي ذريعي وسرڳ ۽ ھ وينجن جي مسئلي کي پڻ آسانيءَ سان سنواري سگهو ٿا. ايم بي صارم ڊاڪٽر الطاف جوکيو کي اوھان بغير معاوضي جي ڊائونلوڊ ڪري ڪنھن بہ ذاتي يا تجارتي مقصد لاءِ بلڪل استعمال ڪري سگهو ٿا، ورھائي سگهو ٿا. ياد رھي تہ ھي فونٽ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ  اردو، سرائڪي، عربي ۽ فارسي ٻولين کي پڻ  سپورٽ ڪري ٿو.

موجودہ دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان وڏي عالم، ھڪ  بي مثال معلم، ماھرِ لسانيات سائين ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو جي نانءِ انتھائي ادب ۽ احترام سان.

دل جي اٿاھ گھراين مان پنھنجو نئون فونٽ ”ايم بي صارِم ڊاڪٽر الطاف جوکيو“ سندن خدمت ۾ پيش ڪيان ٿو.سنڌي ٻوليءَ خاص طور تي سنڌي گريمر متعلق ڪيل سندن املهہ ڪم  ھميشہ  اسان جھڙن لکن ڪروڙن شاگردن جي ڀرپور رھنمائي ڪندر رھندو. سائينءَ جن کي مان پنھنجو استاد مڃيندو آھيان باوجود ان جي جو سندن ڪلاس ۾ سڌو سنئون ويھڻ جو شرف تہ حاصل ناھيان ڪري سگهيو پر ڀلو ٿئي انٽرنيٽ جي سھوليوت جو جنھن سوشل ميڊيا سميت مختلف بلاگن ۽ نيوز  ويبسائيٽن تي سندن لکڻين مان گهڻو ڪجهہ پرائڻ جو موقعو فراھم ڪيو.ھميشہ دل ۾ اھا خواھش زندہ رھندي تہ جيڪر سندن شفقت ۽ مھربانيءَ ھيٺ سندن ڪلاس ۾ پڙھندو ھجان ھا. پاڻ پنھنجي اثرائتي ۽ مستند لکڻين جي ذريعي ھميشہ مون سميت بيشمار شاگردن جي لاءِ رھنما رھيا آھن.

اڄڪلهہ پاڻ ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف ھيريٽيج ريسرچ ڄامشورو جي ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏيئي رھيا آھن، جيڪا پڻ فخر ۽ ڀرپور دلجاءِ ڏياريندڙ ڳالهہ آھي، تہ سندن رھنمائي ۽ محنت سان ٻوليءَ جي مختلف حصن تي لاڀائتو ۽ ڦلدائڪ ڪم ٿيندو رھندو.

سندن ٻوليءَ سان محبتن جا مثالي نمونا آئي ڏينھن مختلف قسمن جي پروگرامن، ورڪشاپس، ويھڪن ۽ سندن بيش بھا لکڻين جي صورت ۾ اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي پڙھڻ/ ڏسڻ لاءِ ملندا رھندا آھن. سندن واسطي آسانين لاءِ ھميشہ دعاگو آھيان. صارِم

 

بغير اجازت جي اوھان ايم بي صارم ڊاڪٽر الطاف جوکيو يا ”ايم بي صارم“ جو  ڪو بہ فونٽ پنھنجي ويبسائيٽ تي ڊائونلوڊڻ لاءِ نہ ٿا رکي سگهو.

سائِيۡن٘مِ سَدائِيۡن٘ ڪَرِيۡن٘ مَٿي سِنۡڌُ سُڪارَ،
دوستَ مِٺا دِلۡدارَ عالَمَ سَڀُ آبادِ ڪَريۡن٘.

ڊائونلوڊ ڪيو

ھڪجھڙيون ڀاڱيداريون

پنھنجي راءِ ڏيو

Back to top button