اپڊيٽ ڪيل فونٽعنوانن لاءِملٽي لنگيوئل

ايم بي صارم عباس ڪوريجو

اپڊيٽ ڪيل ورشن

خاص خاص
  • عربيءَ لپيءَ جو سڀ کان پھريون مڪمل بليڊنگ فونٽ
  • سنڌي سان گڏ اردو، سرائڪي، عربي ۽ فارسي ٻولين جي سپورٽ
  • ھ جي شڪيلن کي درست ڪوڊ ڪيل

ھي منھنجي فونٽ ايم بي صارِم عباس ڪوريجو جو اپڊيل ڪيل ورشن آھي جيڪو عربيءَ لپيءَ ۾ دنيا جو پھريون مڪمل رت ڦڙن تي مشتمل فونٽ آھي. ان کان پھرين عربيءَ لپيءَ ۾ مڪمل بليڊنگ فونٽ موجود نہ ھو. ھي فونٽ جديد يونيڪوڊ جي معيار جي عين مطابق پڻ آھي. ھن فونٽ کي اوھان پنھنجي تحرير جي عنوانن خاص ڪري غمگين صورتحال کي ظاھر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا. ايم بي صارِم عباس ڪوريجو ۾ يونيڪوڊ جي نئين اپڊيٽ پٽاندر ھ جي مختلف شڪلين کي درست طريقي سان ڪوڊ ڪيو ويو آھي. يعني ھن فونٽ جي ذريعي وسرڳ ۽ ھ وينجن جي مسئلي کي پڻ آسانيءَ سان سنواري سگهو ٿا. ايم بي صارم عباس ڪوريجو کي اوھان بغير معاوضي جي ڊائونلوڊ ڪري ڪنھن بہ ذاتي يا تجارتي مقصد لاءِ بلڪل استعمال ڪري سگهو ٿا، ورھائي سگهو ٿا. ياد رھي تہ ھي فونٽ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ  اردو، سرائڪي، عربي ۽ فارسي ٻولين کي پڻ  سپورٽ ڪري ٿو.

بغير اجازت جي اوھان ايم بي صارم عباس ڪوريجو يا ”ايم بي صارم“ جو  ڪو بہ فونٽ پنھنجي ويبسائيٽ تي ڊائونلوڊڻ لاءِ نہ ٿا رکي سگهو.

سائِيۡن٘مِ سَدائِيۡن٘ ڪَرِيۡن٘ مَٿي سِنۡڌُ سُڪارَ،
دوستَ مِٺا دِلۡدارَ عالَمَ سَڀُ آبادِ ڪَريۡن٘.

[ninja_tables id=”1543″]

ڊائونلوڊنگ لاءِ في الحال موجود ناھي

ھڪجھڙيون ڀاڱيداريون

پنھنجي راءِ ڏيو

Back to top button