عنوانن لاءِفينسي فونٽملٽي لنگيوئلنئون فونٽ

ايم بي صارِم ڊاڪٽر احسان دانش

نئون فونٽ

فونٽ جون خوبيون
  • سنڌي ٻوليءَ سان گڏ سرائڪي، اردو، عربي ۽ فارسي ٻولين جي سپورٽ شامل اٿس
  • ھ جي مختلف شڪلين کي درست ڪوڊ ڪيو ويو آھي
  • حرڪتون مقرر جڳھين تي موجود آھن
  • ٽٻڪا واضح ۽ وڏڙا رکيل آھن
  • عنوانن جي لاءِ بھترين آھي

ھي منھنجي فونٽ ايم بي صارِم ڊاڪٽر احسان دانش جو ڏيک آھي. ھي فونٽ جديد يونيڪوڊ جي معيار جي عين مطابق پڻ آھي. ھن فونٽ کي اوھان پنھنجي تحرير جي عنوانن لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا. ايم بي صارِم ڊاڪٽر احسان دانش ۾ يونيڪوڊ جي نئين اپڊيٽ پٽاندر ھ جي مختلف شڪلين کي درست طريقي سان ڪوڊ ڪيو ويو آھي. يعني ھن فونٽ جي ذريعي وسرڳ ۽ ھ وينجن جي مسئلي کي پڻ آسانيءَ سان سنواري سگهو ٿا. ايم بي صارم ڊاڪٽر احسان دانش کي اوھان بغير معاوضي جي ڊائونلوڊ ڪري ڪنھن بہ ذاتي يا تجارتي مقصد لاءِ بلڪل استعمال ڪري سگهو ٿا، ورھائي سگهو ٿا. ياد رھي تہ ھي فونٽ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ  اردو، سرائڪي، عربي ۽ فارسي ٻولين کي پڻ  سپورٽ ڪري ٿو.

لطيف جي پارکو، محقق، نقاد، شاعر، ليکڪ، ڪمپيئر بھترين استاد سائين ڊاڪٽر احسان دانش جي نانءِ
*ايم بي صارِم ڊاڪٽر احسان دانش* ملٽي لنگيوئل فونٽ.
ڊاڪٽر احسان دانش سنڌي ادب جو ڄاتل سڃاتل نالو آهي. هن ادب جي مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. تخليق سان گڏ تحقيق۽ تنقيد هن جي سڃاڻپ جو اهم حوالو آهن.ڊاڪٽر احسان دانش گذريل ٽن ڏهاڪن کان قلمي پورهيي سان لاڳاپيل آهي. ڊاڪٽر دانش 2015 ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ جي موضوع تي سنڌي ادب ۾ پي ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪري چڪو آهي. شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ ٻين سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعريءَ کان علاوه هن جديد سنڌي شاعري تي ڪيترائي ڪارائتا مقالا لکيا آهن، ڊاڪٽر دانش سنڌي ڪهاڻي جي جديد رجحانان توڙي سنڌي ادب ۾ تنقيد جهڙن اهم موضوعن تي پڻ تحقيقي مقالا لکيا آهن، سندس اهڙن تحقيقي مقالن جو انگ 160 آهي، جيڪي ايڇ اي سي کان منظور ٿيل مختلف تحقيقي جرنلن ۽ معياري ادبي جريدن ۾ شايع ٿي چڪا آهن.
ڊاڪٽر احسان دانش آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو، انڊس لٽرري فورم ۽ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ بي سڪون خواب جو سچ (ڪهاڻيون، 2005ع)، لاڙڪاڻو ــ تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو ( لاڙڪاڻي جي تاريخ تي مقالن جي سهيڙ 2005)، ويل نه وسريام (لاڙڪاڻي جي اهم شخصيتن بابت مقالا، 2007)، لفظن جي خوشبو (شاعري، 2010)، سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو ـــ موهن جو دڙو (تحقيق ۽ تلخيص 2012ع)، شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج (تحقيق / لطيفيات، 2016) ۽ پيهي پروڙيوم (جديد سنڌي شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس2017 ) شامل آهن. هن شاهه لطيف جي فڪر ۽ فلسفي جي حوالي سان سال 1994 کان 1995 تائين روزاني ”جاڳو“ ۾ هفتيوار ڪالم لکيا، جڏهن ته 1998 ۽ 1999 ۾ هن روزاني ”جاڳو“ کان علاوه روزاني”عوامي آواز“ ۽ روزاني ”هلال پاڪستان“۾ پڻ مختلف موضوعن تي ڪالم لکيا آهن. ڊاڪٽر دانش 2017ع کان سنڌالاجي جي تحقيقي جرنل ”سنڌي ادب“ ۽ شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي اياز چيئر جي تحقيقي جرنل ”اياز“ جي رويوئر ڪميٽي جي ميمبر هجڻ سان گڏ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي طرفان شايع ٿيندڙ ۽ ايڇ اي سي کان منظور ٿيل تحقيقي جرنل ”ڪينجھر“ جي رويوئر ڪاميٽي جو ميمبر پڻ آهي. جڏهن ته ”ادبِ پاڪ“ انٽرنيشنل ۽ ٽه ماهي ”بيلاگ“ ڪراچي جو لاڙڪاڻي جو خصوصي نمائندو پڻ رهيو آهي ان کان علاوه ماهوار ”شعور“، ”ماهوار ”سرواڻ“ ۽ ماهوار ”سورٺ“ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر پڻ رهندو آيو آهي. هو ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ جي پبليڪشن ڪاميٽي جو 2016ع ۾ ميمبر رهي چڪو آهي. جڏهن ته هن وقت سنڌي لئگويج اٿارٽي حيدرآباد ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو گرلس ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ آهي.
ڊاڪٽر دانش صوبائي، ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح جي 42 ڪانفرنسن ۾ بحيثيت مقالانگار شرڪت ڪري چڪو آهي. هن کي مختلف علمي، ادبي ادارن طرفان ادبي خدمتن جي مڃتا طور 25 ادبي ايوارڊ ملي چڪا آهن. 2016 ۾ هن کي ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ طرفان ادب ۽ تحقيق جي شعبي ۾ هڪ اهم ۽ وڏي ايوارڊ ”شاهه لطيف ايوارڊ“ سان پڻ نوازيو ويو آهي. جڏهن ته سندس ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ تي سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد طرفان لطيف شناسي ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي طرفان سال جي بهترين تحقيقي ادب جا ايوارڊ پڻ مليا آهن. ان کان علاوه انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان طرفان سندس ڪتاب ”پيهي پروڙيوم“ کي سال 2017ع جي بهترين تنقيدي ادب جو اوارڊ پڻ مليو آهي.
ڊاڪٽر احسان دانش 1999ع کان درس و تدريس سان لاڳاپيل آهي ۽ هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي سنڌي شعبي ۾ شعبي جو سربراهه آهي جتي تدريسي خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي. ان کان اڳ هو لاڙڪاڻي جي هڪ نيم سرڪاري ڪاليج ۾ 4 سال اردو جي ليڪچرار طور پڻ پڙهائي چڪو آهي. اهڙي طرح هو سالن جا سال لاڙڪاڻي جي مختلف نيم سرڪاري ۽ نجي ادارن ۾ سي.ايس.ايس ۽ پي.سي.ايس جي ڪلاسن کي اعزازي طور سنڌي ادب پڙهائيندو رهيو آهي. هو گذريل 12 سالن کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ادبي پروگرام ”تخليق“ جو ميزبان پڻ آهي. جنهن ۾ هن 100 سنڌي اديبن جا تفصيلي ۽ يادگار انٽرويو پڻ ورتا آهن. تخليق، تحقيق ۽ تنقيد جي شعبن ۾ هن وقت ڊاڪٽر احسان دانش جا اَٺَ ڪتاب ڇپائيءَ لاءِ منتظر آهن.
(عابد ڪاظمي)

بغير اجازت جي اوھان ايم بي صارم ڊاڪٽر احسان دانش يا ”ايم بي صارم“ جو  ڪو بہ فونٽ پنھنجي ويبسائيٽ تي ڊائونلوڊڻ لاءِ نہ ٿا رکي سگهو.

حَوصلو ۽ عَزم ھجي پُختو
روشنيون کوڙ واٽ تي ملنديون

ڊائونلوڊ ڪيو

ذريعو
سنڌ سلامت ڪتاب گهر

ھڪجھڙيون ڀاڱيداريون

پنھنجي راءِ ڏيو

Back to top button
%d bloggers like this: