ملٽي لنگيوئلنئون فونٽ

ايم بي صارِم مرجان

بِسۡمِ اللھِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِيۡمِ

اَلۡحَمۡدُ لِلّٰھِ وَالصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلىٰ سَيِّدِنَا وَ نَبِيِّنَا مُحَمَّدٍ خَاتَمِ الاَنۡبِيَآءِ وَ سَيِّدِالۡمُرۡسَلِيۡنَ وَ عَلىٰ آلِهٖ وَصَحۡبِہٖ اَجۡمَعِيۡنَ وَبَعۡدُ

وَحدہٗ لا شريڪَ لهٗ، جِن اُتو سِين ايمانَ؛

تَن مَڃِيو مُحَمَّدُ ڪارَڻِي، قَلۡبَ ساڻُ لِسانَ؛

اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمان، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِيا.

(شاھ)

اَلسَّلَامُ عَلَيۡڪُمۡ وَ رَحۡمَةُ اللھِ وَ بَرَڪاتُهٗ

اَلۡحَمۡدُلِلّٰھِ!

دوستو! پَنۡھِنجِيۡ ٻولِي سِنۡڌِيءَ ۾ ھُوۡنءَ تَہ ڪيتِرائِي خُوبصُورَت فونٽَ موجُودُ آھِنِ ۽ يَقِيۡنًا ٻولِيءَ جِيۡ لِکَتِ ۾سُونھَنۡ ۽ واڌاري جو سَبَبُ بِہ آھِن اُتي مُنھنجي نئين فونٽ ”ايم بِي صارِم مَرجان“ جو واڌارو ايڏِي وَڏِي ڳالِهہ تہ ڪونهي پَرَ اِنَ جي باوَجُود ھِي فونٽُ پاڻَ ۾ موجُود ھِڪَ جادُوئِي خُوبي يعنى ڪشيدہ نموني جي ڪَري باقِي سِنڌِي فونٽن ۾ايتري تائِيۡن جو اُردُو فونٽس ۾ پِڻ نُمايان آھي. دوستو! اوھان مان اڪثر سڄڻن کي علم ھوندو تہ آءٌ ھن کان پھرين بہ سنڌي ٻوليءَ جا 200 جي لڳ ڀڳ فونٽس پيش ڪري چڪو آھيان. جن مان 160 جي لڳ ڀڳ آنلائين موجود آھن ۽ باقي دوستن، عام استعمال ڪندڙن ۽ ڊولپرس کي فراھم ڪيا اٿم جيڪي تقريبًا ھر آپريٽنگ سسٽم ۾ مختلف ڪتابن، رسالن، اخبارن، موبائيل ۽ ڊيسڪٽاپ ايپليڪيشنس سان گڏ و گڏ ويبسائيٽن ۾ جي سونھن بڻيل آھن. يقينًا اوھان بہ انهن مان ڪي فونٽ استعمال ڪيا ھوندا. منھنجي، وڏي عرصي کان وٺي ھڪ اھڙو فونٽ تيار ڪرڻ جي خواھش ھئي جيڪو عام لکت يعني مضمون لکڻ ۾ استعمال ڪيو وڃي. اللھ سائين مھربان جي ڪرم سان اڄ اھو فونٽ ”ايم بي صارِم مرجان“جي نالي سان اوھانجي سامهون آھي.

دوستو! منھنجي لاءِ ھي ھڪ اعزاز آھي تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪشيدہ ۽ ريگيولر نمونا ساڻ رکندڙ ھي پھريون فونٽ آھي جيڪو اُردو ٻوليءَ جي ڪشيدہ فونٽ ”جميل نوري نستعليق ڪشيدہ“ کان پڻ اعرابن جي ڪري منفرد آھي جو اردو فونٽ جي ڪشيدہ نموني ۾ اعرابون يا حرڪتون مقرر جڳھين تي نہ اينديون آھن ۽ فونٽ ٽٽي پوندو آھي جڏھن تہ ايم بي صارِم مرجان ۾ اوھان ريگيولر توڙي ڪشيدہ ٻنهي نمونن ۾ مقرر جڳھين تي اعرابون ڏئي سگهو ٿا.

ايم بي صارم مرجان سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ اردو، عربي، فارسي ۽ سرائڪي ٻولين جي مڪمل سپورٽ رکي ٿو. ھي يونيڪوڊ اسٽينڊرڊز جي مطابق اپڊيٽڊ آھي ۽ مائڪروسوفٽ ونڊوز، ائپل جي ميڪ، لِنڪس جي ابنٽو، گوگل جي اينڊرائيڊ ۽ ٻين آپريٽنگ سسٽمس ۾ آسانيءَ سان انسٽال ڪري استعمال ڪري سگهجي ٿو. اوھان پنھنجن ڪتابن، رسالن ۽ ويبسائيٽن ۾ ڪٿي بہ استعمال ڪري سگهو ٿا.

استعمال ڪيئن ڪجي؟

دوستو! ريگيولر فونٽ سان لکيل سَمُورِي لکت يا ان جي چُونڊَ حصي تي بيھي اِٽالِڪ اِفيڪٽ اپلاءِ ڪرڻ سان لکت الڳ صورت ۾ نظر ايندي (فونٽ تبديل ڪرڻ کانسواءِ)

اوھان سڄڻن جي ھر قسم جي راءِ ۽ اظھار کي ڀليڪار. جيڪڏھن فونٽ ۾ ڪٿي بہ ڪنھن بہ قسم جي ڪا خامي محسوس ڪيو ٿا يا وري ڪا تبديلي چاھيو ٿا تہ ضرور آگاھ ڪجو. ھونءَ بہ ٿوري ٿوري عرصي ۾ آءٌ پاڻ بہ فونٽ ۾ ضروري ممڪن نواڻ آڻڻ جي ڪوشش ڪندو رھندس.

ھيٺ منھنجي فونٽ ايم بي صارِم مرجان جو ڏيک ڏجي ٿو. ھي فونٽ جديد يونيڪوڊ جي معيار جي عين مطابق پڻ آھي. ھن فونٽ کي اوھان پنھنجي تحرير جي لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا. ايم بي صارِم مرجان ۾ يونيڪوڊ جي نئين اپڊيٽ پٽاندر ھ جي مختلف شڪلين کي درست طريقي سان ڪوڊ ڪيو ويو آھي. يعني ھن فونٽ جي ذريعي وسرڳ ۽ ھ وينجن جي مسئلي کي پڻ آسانيءَ سان سنواري سگهو ٿا. ايم بي صارم مرجان کي اوھان بغير معاوضي جي ڊائونلوڊ ڪري ڪنھن بہ ذاتي يا تجارتي مقصد لاءِ بلڪل استعمال ڪري سگهو ٿا، ورھائي سگهو ٿا. ياد رھي تہ ھي فونٽ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ  اردو، سرائڪي، عربي ۽ فارسي ٻولين کي پڻ  سپورٽ ڪري ٿو.

سائِينۡم سَدائِين ڪَرِين مَٿي سِنڌُ سُڪارَ،
دوستَ مِٺا دِلدارَ، عالَمَ سَڀُ آبادِ ڪَرِين.

ھڪجھڙيون ڀاڱيداريون

پنھنجي راءِ ڏيو

Back to top button