profiles
ٽرينڊنگ

محمد امجد خان ابڙو

ڪمپيوٽينشنل لنگويست

خاص خاص
  • امجد خان پھريون ڀيرو ايڊوبي ابڙو ڪيليگرافر نالي سافٽويئر ۾ آرٽيفيشل انٽيلجينس متعارف ڪرائي
  • ايڊوبي کي السٽريٽر، فوٽوشاپ، انڊزائن ۽ برج جا کٽل، بنيادي، ضروري، ايڊوانس ۽ لائيو فنڪشنس به مهيا ڪيائين
  • هن جا فلاسافيڪل اقوال دنيا جي مختلف ويب سائيٽس تي پڻ هن جي نالي سان انٽرنيٽ تي سرچ ڪرڻ سان ملن ٿا.
  • Abro Mohammed Amjed Khan جي نالي سان هن جو پهريون ذزائن ٿيل فونٽ آهي
  • محمد امجد خان 2020 ۾ پنهنجي صوبائي حڪومت جوساڳيو ئي هينڊ ميڊ پراڻو لوگو ايڊوبي السٽرٽر ۾ ويڪٽر تيار ڪيوو

محمد امجد خان ابڙو لاڙڪاڻو سنڌ پاڪستان سان تعلق رکي ٿو جنهن 2011 ۾پهريون ڀيرو ايڊوبي ابڙو ڪيليگرافر نالي سافٽويئر ۾ آرٽيفيشل انٽيلجينس متعارف ڪرائي. اها هن جي پهرين تحقيق/ريسرچ هئي جيڪا گوگل سرچ ڪرڻ سان اڃا تائين ملي سگھي ٿي. جنهن بعد ايڊوبي هن کي فيچرس جي فورم واري مين پيج تي سموري دنيا ۾ پهرين نمبر تي ٽي سال رکيو. ڊرائنگ جي هن شروعات ئي پرائمري تعليم کان به اڳ ڪئي، خطاطي ۽ پينٽنگ جي مهارت ۾ گورنمينٽ ديني مدرسه هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ پڙهڻ دوران هن جو نالو پنهنجي اسڪول ۾ اڀري آيو، سائنس ۽ منطق (Logic/Philosophy/Wisdom) سان بچپن کان هن جو لڳاءُ آهي. ڪاليج اسٽوڊنٽ هجڻ سان گڏ آن لائن Lynda.com ۽ Total-training.com جي وڊيو ٽريننگ ذريعي مزيد سکيا وٺڻ بعد پرنٽنگ پبلشنگ انڊسٽري ۾ متحده عرب عمارات ۾ ڪجھه وقت ڪم ڪرڻ بعد هن لاڙڪاڻي ۾ آن لائن خدمات جاري رکيون! ان سان گڏوگڏ هن ايڊوبي کي السٽريٽر، فوٽوشاپ، انڊزائن ۽ برج جا کٽل، بنيادي، ضروري، ايڊوانس ۽ لائيو فنڪشنس به مهيا ڪيا. محمد امجد خان جيڪي به اعليٰ ترڪيبات ايڊوبي فوٽو شاپ ۽ السٽريٽر CS2/3 ورجن ۾سال 2006 کان 2009 تائين ڪتب آنديون سي اڃا تائين ڪنهن به نه استعمال ڪيون آهن.
محمد امجد خان جا فنڪشنس صرف ايڊوبي جي سافويئرس کي ئي مهيا ناهن پر واٽس ايپ جهڙن ادارن کي به مهيا ڪيل آهن. جهڙوڪ Text forwarding along with the post ۽ ٻيا ڪجھ وغيره.

هن جا فلاسافيڪل اقوال دنيا جي مختلف ويب سائيٽس تي پڻ هن جي نالي سان انٽرنيٽ تي سرچ ڪرڻ سان ملن ٿا.

محمد امجد خان  2020 ۾ پنهنجي صوبائي حڪومت جوساڳيو ئي هينڊ ميڊ پراڻو لوگو ايڊوبي السٽرٽر ۾ ويڪٽر تيار ڪري چيف منسٽر ڏانهن پرنٽيڊ هارڊ ڪاپي ايپروول لاءِ موڪلي، ان سان گڏ هڪ خط به چيف منسٽر، ايجوڪيشن منسٽر ۽ ايجوڪيشن سيڪريٽري ڏانهن موڪليو ته تعليمي نظام کي ٻارن لاءِ تمام آسان ۽ بهتر يعني معياري ڪري سگھجي ٿو جنهن ۾ سرڪار جا عربين روپيه هر سال بچي سگھندا پر بدقسمتيءَ سان سرڪاري وڏن عهديدارن جي ڪا به مثبت موٽ اڃا تائين ناهي ملي

هي پهريون سنڌي ماڻهو آهي جنهن ٻه فونٽ ڊزائن ڪيا آهن جن مان هرهڪ فونٽ کي ڊزائن ڪرڻ ۾ 9 مهينا يعني ڪل 18 مهينا هن کي لڳا. ۽ انھن فونٽن کي ڊزائن ڪرڻ جو مقصد سنڌي لکت جي درستگي منطق موجب ٿئي ۽ اهي فونٽ صرف خوبصورت ئي نه پر فنڪشنس ۾ به ايڊوبي، سيرف ۽ مائڪروسوفٽ جي فانٽس کان به وڌيڪ بهتر آهن. Abro Mohammed Amjed Khan جي نالي سان هن جو پهريون ذزائن ٿيل فونٽ آهي جنهن جو استعمال هن پنهنجي ٽئين تحقيق سنڌي ٻوليءَ جي ڪتاب ”سنڌي لکت جو لساني ۽ منطقي جائزو “ ۾ ڪيو آهي جيڪو اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. هن جي اها تحقيق/ريسرچ ۽ سنڌي فونٽس پنهنجي سنڌي قوم سان محبت جو اظهار ۽ تحفو آهن.

محمد امجد خان جو فونٽ

سائِيۡنمِ سَدائِيۡن ڪَرِيۡن مَٿي سِنۡڌُ سُڪارَ،
دوستَ مِٺا دِلۡدارَ عالَمَ سَڀُ آبادِ ڪَريۡن.
 

رابطو: facebook.com | linkedin

https://www.facebook.com/creative.abro
https://www.linkedin.com/in/abromak

 

ھڪڙو تبصرو

پنھنجي راءِ ڏيو

Back to top button