سکيا

سامسنگ گئليڪسي موبائلن ۾ سنڌي فونٽ لڳائڻ

Sindhi Fonts in Samsung Galaxy Devices

سامسنگ گئليڪسي جي تقريبًا سمورين موبائلن ۾ لاڳيتو ظاھر ٿيندڙ شڪلين AOD، فونٽَس، آئڪونس، قالبَن ۽ لاڪ اسڪرين کي پنھنجي مرضيءَ مطابق سنوارڻ جي سھولت موجود آھي. جنھن لاءِ اوھان کي گهڻي محنت ڪرڻ جي پڻ ضرورت نہ پوندي آھي. صرف سامسسنگ جي دڪان تي ويندا آھيو ۽ پنھنجي گهرج مطابق پنھنجي پسند جون شيون چونڊي آزمائي سگهندا آھيو. تنھن ھوندي بہ جيسيتائين فونٽس جي ڳالهہ آھي تہ سامسنگ جي دڪان تي پيل فونٽس جو مختصر تعداد گهڻي قدر اوھان جي گهرج مطابق ناھي ڇاڪاڻ تہ اتي موجود فونٽس منجهان گهڻا فونٽس اوھان جي دلچسپي ۽ توجہ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن ٿا. تنھنڪري اڪثر استعمال ڪندڙ پنھنجي مرضي ۽ پسند جا فونٽس لڳائڻ جي لاءِ فڪرمند ھوندا آھن ۽ فونٽس لڳائڻ جا طريقا ڳوليندا رھندا آھن.

دوستو! ان ضرورت کي سامھون رکندي اوھان سان سامسنگ گئليڪسي موبائلن ۾ پنھنجي پسند جا سنڌي فونٽس لڳائڻ جي باري ۾ طريقو پيش ڪجي ٿو. جنھن جي مدد سان اوھان ڪو بہ فونٽ پنھنجي سامسنگ گئليڪسي فونن ۾ لڳائي سگهو ٿا. ڪيئن؟

دوستو! ھيٺين تصويرن کي غور سان ڏسندا ۽ ان تي عمل ڪندا ھلندا تہ يقينًا فونٽ لڳائڻ آسان ٿي ويندو.

1.

2

3

4

5

6

7

8

9

10

11

12

1314

15 16 17 18 19 20 21 22

Wings Fonts for Samsung لکي گوگل ڪيو ايپ ڊائونلوڊي شروع ٿي وڃو

ھڪڙو تبصرو

پنھنجي راءِ ڏيو

Back to top button