عنوانن لاءِفينسي فونٽملٽي لنگيوئلنئون فونٽ

ايم بي صارِم ايم اي ڪريم خلجي

نئون فونٽ

خاص خاص
  • ھي فونٽ ٻن حصن ريگيولر ۽ بولڊ تي مشتمل آھي
  • تحرير جي عنوان لاءِ خاص آھي
  • حرڪتون مقرر جڳھين تي موجود آھن
  • ھ جي مختلف شڪلين کي درست ڪوڊ ڪيو ويو آھي
  • سنڌيء، سرائڪي، اردو، فارسي ۽ عربي سپورٽ

ھي منھنجي فونٽ ايم بي صارِم ايم اي ڪريم خلجي جو ڏيک آھي. ھي فونٽ جديد يونيڪوڊ جي معيار جي عين مطابق پڻ آھي. ھن فونٽ کي اوھان پنھنجي تحرير جي عنوانن لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا. ايم بي صارِم ايم اي ڪريم خلجي ۾ يونيڪوڊ جي نئين اپڊيٽ پٽاندر ھ جي مختلف شڪلين کي درست طريقي سان ڪوڊ ڪيو ويو آھي. يعني ھن فونٽ جي ذريعي وسرڳ ۽ ھ وينجن جي مسئلي کي پڻ آسانيءَ سان سنواري سگهو ٿا. ايم بي صارم ايم اي ڪريم خلجي کي اوھان بغير معاوضي جي ڊائونلوڊ ڪري ڪنھن بہ ذاتي يا تجارتي مقصد لاءِ بلڪل استعمال ڪري سگهو ٿا، ورھائي سگهو ٿا. ياد رھي تہ ھي فونٽ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ  اردو، سرائڪي، عربي ۽ فارسي ٻولين کي پڻ  سپورٽ ڪري ٿو.

منھنجي شھر پيرجوڳوٺ جو فخر، ڄاتل سڃاتل ھر دلعزيز شخصيت،ماياناز تعليمي ماھر، استاد سائين منظور احمد خلجي جي نانءِ جيڪي پاڻ بہ پنھنجي من مھڻي خوشخطيءَ جي نموني کي سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن جي ھزارين شاگردن تائين سکيا ذريعي منتقل ڪري چڪا آھن. انتھائي ادب ۽ احترام سان پنھنجو نئون سنڌي فونٽ (ملٽي لنگوئل سپورٽ رکندڙ) کين ارپيان ٿو. اللھ سائين مھربان کين ھميشہ کلندو مسڪرائيندو، تندرست ۽ توانا رکي.

بغير اجازت جي اوھان ايم بي صارم ايم اي ڪريم خلجي يا ”ايم بي صارم“ جو  ڪو بہ فونٽ پنھنجي ويبسائيٽ تي ڊائونلوڊڻ لاءِ نہ ٿا رکي سگهو.

اَوَتڙَ ڪنھن نہ اوليا، سُتَڙِ ويا سالِمَ؛
هيڪائِي هيڪُ ٿيا، اَحَدُ سين عالِمَ؛
بي بَھا بالِمَ، آگي ڪيا اڳَھِين.

ڊائونلوڊ ڪيو

ھڪجھڙيون ڀاڱيداريون

پنھنجي راءِ ڏيو

Back to top button