نئون فونٽھٿ اکري

ايم بي صارِم علي حسن ملاح

نئون فونٽ

ھي منھنجي نئين فونٽ ايم بي صارِم علي حسن ملاح جو ڏيک آھي. ھي فونٽ جديد يونيڪوڊ جي معيار جي عين مطابق پڻ آھي. ھن فونٽ کي اوھان پنھنجي تحريرکي پنھنجي مرضيءَ سان سينگارڻ لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا. ايم بي صارِم علي حسن ملاح ۾ يونيڪوڊ جي نئين اپڊيٽ پٽاندر ھ جي مختلف شڪلين کي درست طريقي سان ڪوڊ ڪيو ويو آھي. يعني ھن فونٽ جي ذريعي وسرڳ ۽ ھ وينجن جي مسئلي کي پڻ آسانيءَ سان سنواري سگهو ٿا. ايم بي صارم علي حسن ملاح کي اوھان بغير معاوضي جي ڊائونلوڊ ڪري ڪنھن بہ ذاتي يا تجارتي مقصد لاءِ بلڪل استعمال ڪري سگهو ٿا، ورھائي سگهو ٿا. ياد رھي تہ ھي فونٽ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ  اردو، سرائڪي، عربي ۽ فارسي ٻولين کي پڻ  سپورٽ ڪري ٿو.

محترم علي حسن ملاح صاحب ماھرِ لسانيات، محقق، ليکڪ ۽ خاص طور تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ مثالي ڪم ڪرڻ وارو ھڪ عظيم ڪردار آھي. پاڻ  انڊس سليڪان سافٽويئر ڄامشورو جو باني آھي. سائينءَ نہ صرف پنھنجي مادري ٻولي سنڌيءَ جي ترويج ۽ ترقيءَ متعلق تعريف لائق ڪم ڪيو اٿائين پر اردو ، شاھ مکي ، هندي ، گجراتي سميت گهڻن ٻولين جي اسڪرپٽ سان گڏ ، سڀ کان پھرين بنيادي سنڌي سکيا واريون ايپس پڻ تيار ڪيون آھن. جيڪي سمورن سنڌي والدين خاص طور تي ٻاھرين ملڪن ۾ ويٺل سنڌي جي لاءِ ڪنھن بہ طرح نعمت کان گهٽ ڪونهن.
ونڊوز جي مختلف پليٽ فارمس جي لاءِ علي حسن ملاح صاحب، سنڌي لپيءَ کان اردو، شاھ مکي، گجراتي تائين ھڪ ٽراسليٽريشن سافٽويئر پڻ تيار ڪيو آھي.

ملاح صاحب 15 کان وڌيڪ ٻولين جي ڄاڻ رکي ٿو. جن ۾ عظيم دراوڙي ٻولين جا اسڪرپٽ پڻ شامل آھن. ھو قديم ٻولي جي لکت خاص طور تي برھمي ۽ انڊس اسڪرپٽ جي زبردست ڄاڻ رکندڙ سنڌي آھي.

علي حسن ملاح  صاحب ھڪ شاعر ، ڪھاڻيڪار ۽ خطاط آهي ، هن مختلف سنڌي اخبارن ۾ ٽيڪنالاجي ، تعليم ۽ اينٿروپالاجي جي موضوعن تي ڪيترائي ڪالم لکيا آهن. سندس سنڌي تحقيقي مضمون “سنڌي: ڪرد قوم جو هڪ اهم قبيلو” سنڌي ادبي حلقن ۾ تمام گهڻو مشھور آهي.

مان پنھنجي طرفان سنڌي ٻوليءَ لا ءِ سندس مثالي خدمتن تي ھڪ نئون فونٽ (ملٽي لنگوئل سپورٽ رکندڙ) ارپيان ٿو. جيڪو ھٿ اکري صورتخطيءَ جي بھترين نموني سان تياري ڪيل آھي. ھي فونٽ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ  عربي، اردو، فارسي ۽ سرائڪي ٻوليءَ کي سپورٽ ڪري ٿو.

بغير اجازت جي اوھان ايم بي صارم علي حسن ملاح يا ”ايم بي صارم“ جو  ڪو بہ فونٽ پنھنجي ويبسائيٽ تي ڊائونلوڊڻ لاءِ نہ ٿا رکي سگهو.

سائِيۡن٘مِ سَدائِيۡن٘ ڪَرِيۡن٘ مَٿي سِنۡڌُ سُڪارَ،
دوستَ مِٺا دِلۡدارَ عالَمَ سَڀُ آبادِ ڪَريۡن٘.

ڊائونلوڊ ڪيو

 

 

ھڪجھڙيون ڀاڱيداريون

پنھنجي راءِ ڏيو

Back to top button