اپڊيٽ ڪيل فونٽعنوانن لاءِملٽي لنگيوئل

ايم بي صارِم مَسرُور

تازو ڪيل نئون ورشن

خاص خاص
  • ھ جي شڪلين کي درست ڪيو ويو آھي
  • ميم جي شڪل تبديل ڪئي وئي آھي
  • ٽٻڪا پھرين ورشن کان ڪجهہ وڏا ڪيا ويا آھن
  • حرڪتون مقرر جڳھين تي رکيون ويون آھن
  • سنڌي سان گڏ اردو، سرائڪي، عربي ۽ فارسي جي سپورٽ شامل ڪئي وئي آھي

ھي ايم بي صارِم مسرور جو تازو ڪيل ورشن آھي جيڪو جديد يونيڪوڊ جي معيار جي عين مطابق پڻ آھي. ھن فونٽ کي اوھان پنھنجي تحرير جي عنوانن کي سينگارڻ لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا. ايم بي صارِم مسرور ۾ يونيڪوڊ جي نئين اپڊيٽ پٽاندر ھ جي مختلف شڪلين کي درست طريقي سان ڪوڊ ڪيو ويو آھي. يعني ھن فونٽ جي ذريعي وسرڳ ۽ ھ وينجن جي مسئلي کي پڻ آسانيءَ سان سنواري سگهو ٿا. ان سان گڏ و گڏ پھرين ورشن جي برعڪس نئين ورشن ۾ ٽٻڪن کي ڪجهہ وڏو ۽ واضح ڪيو ويو آھي. حرڪتون مقرر جڳھين تي ۽ چٽيون رکيون ويون آھن. ھن فونٽ کي اوھان بغير معاوضي جي ڊائونلوڊ ڪري ڪنھن بہ ذاتي يا تجارتي مقصد لاءِ بلڪل استعمال ڪري سگهو ٿا، ورھائي سگهو ٿا. ياد رھي تہ ھي فونٽ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ و گڏ اردو، سرائڪي، عربي ۽ فارسي ٻولين کي پڻ کي سپورٽ ڪري ٿو.

سائِيۡن٘مِ سَدائِيۡن٘ ڪَرِيۡن٘ مَٿي سِنۡڌُ سُڪارَ،
دوستَ مِٺا دِلۡدارَ عالَمَ سَڀُ آبادِ ڪَريۡن٘.

بغير اجازت جي اوھان ايم بي صارم مسرور يا ”ايم بي صارم“ جو  ڪو بہ فونٽ پنھنجي ويبسائيٽ تي ڊائونلوڊڻ لاءِ نہ ٿا رکي سگهو.

[ninja_tables id=”1448″]

ڊائون لوڊڻ لاءِ في الحال موجود ناھي

 

 

ھڪجھڙيون ڀاڱيداريون

پنھنجي راءِ ڏيو

Back to top button