عنوانن لاءِملٽي لنگيوئلنئون فونٽ

ايم بي صارِم شاھنواز سومرو

نئون فونٽ

خاص خاص
  • ھ جي مختلف شڪيلن کي درست ڪوڊ ڪيو ويو آھي
  • سنڌي سان گڏ اردو، سرائڪي، عربي ۽ فارسي سپورٽ شامل آھي
  • لکت جي عنوانن لاءِ بھترين آھي
  • حرڪتن کي درست جڳھين تي رکيو ويو آھي

ھي منھنجي نئين فونٽ ايم بي صارِم شاھنواز سومرو جو ڏيک آھي جيڪو جديد يونيڪوڊ جي معيار جي عين مطابق پڻ آھي. ھن فونٽ کي اوھان پنھنجي تحرير جي عنوانن کي سينگارڻ لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا. ايم بي صارِم شاھنواز سومرو ۾ يونيڪوڊ جي نئين اپڊيٽ پٽاندر ھ جي مختلف شڪلين کي درست طريقي سان ڪوڊ ڪيو ويو آھي. يعني ھن فونٽ جي ذريعي وسرڳ ۽ ھ وينجن جي مسئلي کي پڻ آسانيءَ سان سنواري سگهو ٿا. ايم بي صارم شاھنواز سومرو کي اوھان بغير معاوضي جي ڊائونلوڊ ڪري ڪنھن بہ ذاتي يا تجارتي مقصد لاءِ بلڪل استعمال ڪري سگهو ٿا، ورھائي سگهو ٿا. ياد رھي تہ ھي فونٽ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ  اردو، سرائڪي، عربي ۽ فارسي ٻولين کي پڻ  سپورٽ ڪري ٿو.

ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ پکيڙ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ جن شخصيتن جا نانءَ پھرين ياد پوندا آهن؛ جن پنھنجي مصروف ترين ملازمتي دور ۾ بچيل سچيل ذاتي وقت بہ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ترقيءَ ۽ اوسر لاءِ وقف ڪندي ڏينھن رات محنت ڪئي، وقت ۽ حالات پٽاندر پنھنجي ڏاهپ ۽ سمجهداريءَ سان انهن شين تي ڪم ڪيو جن جي ضرورت سڀ کان گهڻي هئي.

جيئن شاھ جو رسالو، سچل جو ڪلام ۽ سنڌي گرامر سميت ادب جي مختلف صنفن ۽ ٻين جديد شارٽ ڪورسز جا ڪتاب وغيرہ ڪمپوز ڪري مختلف فارميٽس ۾ آنلان مفت مھيا ڪرڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.

سنڌي ڪمپيوٽنگ جي انهن بنيادي رڪنن مان محترم محمد حبيب سنائي، فقير اصلح علي قلباڻي، عزيز منڱريو، حبيب ساجد، آفتاب ٽالپر ۽ ٻين ڪيترن ئي نالن سميت سائين محترم شاهنواز سومرو صاحب جو نالو پڻ نمايان آهي.

پاڻ شاھ جي رسالي، سچل جي ڪلام ۽ پنھنجي والد بزرگوار جي لکيل سنڌي گرامر سميت ڪيترائي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌي ڪمپيوٽنگ جي شروعاتي دور ۾ آنلائين پڙهڻ ۽ ڊائونلوڊڻ لاءِ مھيا ڪيا. گڏ و گڏ سندن شفقت ۽ حوصلي افزائي هر ان نوجوان سان گڏ رهي آهي جنھن ٿورو گهڻو سنڌي ڪمپيوٽنگ لاءِ ڪم ڪيو آهي.

سنڌي ڪمپيوٽنگ جي بانيڪار سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب سان سڀ کان پھريون فون تي منھنجو رابطو پڻ سائين شاهنواز سومري جي ذريعي ٿيو هو. پاڻ انتھائي شفيق ۽ مھربان انسان آهن. ساڻن گڏ آءِ بي اي سکر ۾ ٿيل سنڌي ڪمپيوٽنگ جي متعلق پروگرام سميت پير جي ڳوٺ ۾ ڪجهہ ڀيرا ملاقات ٿي چڪي آهي. ساڻن سوشل ميڊيا ۽ فون ذريعي رابطو رهندو آهي.

 

بغير اجازت جي اوھان ايم بي صارم شاھنواز سومرو يا ”ايم بي صارم“ جو  ڪو بہ فونٽ پنھنجي ويبسائيٽ تي ڊائونلوڊڻ لاءِ نہ ٿا رکي سگهو.

سائِيۡن٘مِ سَدائِيۡن٘ ڪَرِيۡن٘ مَٿي سِنۡڌُ سُڪارَ،
دوستَ مِٺا دِلۡدارَ عالَمَ سَڀُ آبادِ ڪَريۡن٘.

فونٽ ڊائونلوڊنگ واري صفحي تي ھلو

ھڪجھڙيون ڀاڱيداريون

پنھنجي راءِ ڏيو

Back to top button