عنوانن لاءِملٽي لنگيوئلنئون فونٽ

ايم بي صاِم عبدالوھاب سھتو

نئون فونٽ

خاص خاص
  • فونٽ کي ھيڊنگ ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو
  • ھ جي مختلف شڪلين کي درست ڪوڊ ڪيو ويو آھي
  • سنڌي ٻوليءَ سان گڏ سرائڪي، اردو، عربي ۽ فارسي ٻولين جي سپورٽ سا

ھي منھنجي فونٽ ايم بي صارِم عبدالوھاب سھتو جو ڏيک آھي. ھي فونٽ جديد يونيڪوڊ جي معيار جي عين مطابق پڻ آھي. ھن فونٽ کي اوھان پنھنجي تحرير جي عنوانن لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا. ايم بي صارِم عبدالوھاب سھتو ۾ يونيڪوڊ جي نئين اپڊيٽ پٽاندر ھ جي مختلف شڪلين کي درست طريقي سان ڪوڊ ڪيو ويو آھي. يعني ھن فونٽ جي ذريعي وسرڳ ۽ ھ وينجن جي مسئلي کي پڻ آسانيءَ سان سنواري سگهو ٿا. ايم بي صارم عبدالوھاب سھتو کي اوھان بغير معاوضي جي ڊائونلوڊ ڪري ڪنھن بہ ذاتي يا تجارتي مقصد لاءِ بلڪل استعمال ڪري سگهو ٿا، ورھائي سگهو ٿا. ياد رھي تہ ھي فونٽ سنڌي ٻوليءَ سان گڏ  اردو، سرائڪي، عربي ۽ فارسي ٻولين کي پڻ  سپورٽ ڪري ٿو.

بغير اجازت جي اوھان ايم بي صارم عبدالوھاب سھتو يا ”ايم بي صارم“ جو  ڪو بہ فونٽ پنھنجي ويبسائيٽ تي ڊائونلوڊڻ لاءِ نہ ٿا رکي سگهو.

ماهرِ لِسانيات، محقق، ڪھاڻيڪار، سنڌي ٻوليءَ ۾ پھاڪن ۽ چوڻين متعلق ڪم جو سڀ کان وڏو نالو. سائين انجنيئر عبدالوهاب سھتو صاحب. نئون ملٽي لنگيوئل فونٽ سندن نانءِ ڪيان ٿو.

عبدالوھاب سھتو جو مختصر تعارف

نالو: عبد الوھاب ولد محمد بچل سھتو ادبي دنيا ۾ نالو: انجنيئر عبد الوھاب سھتو ڄم جو ھنڌ: ڳوٺ ڄام نورالله، تعلقو ڪنڊيارو، ضلع نواب شاھ/ نوشھروفيروز، سنڌ. ڄم جي تاريخ: پنجين مئي اوڻويھ سؤ اوڻھٺ. (۱۹۵۹-۰۵-۰۵ع) تعليم: ۱. بي اي (سول)، مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي نواب شاھ/ ڄام شورو. (پاس ڪرڻ جو سال؛ ۱۹۸۴ع) ۲. ايم اي (سنڌي)، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور. (پاس ڪرڻ جو سال؛ ۱۹۹۳ع) مشغلو: ڪتاب پڙھڻ، وٺڻ ۽ گڏ ڪرڻ. پسنديدھ موضوع: سيرت پاڪ ﷺ، پھاڪا ۽ چوڻيون، افسانا ۽ مضمون، شاھ جو رسالو. ڪرت: پرنسپال، لاڙڪاڻه گرامر اسڪول، لھر ڪالوني، ميروخان روڊ، باءِ پاس، لاڙڪاڻو. موجودہ رھائش: پروفيسرس ڪالوني-۲، قنبر روڊ، لاڙڪاڻو. ادبي پورھيو: ڇپيل ڪتاب • تخليق / تحقيق ۱. ھِراس (ڪھاڻيون) آڪٽوبر ۱۹۸۹ع ۲. جڏھن بُت ئي چوي ڪافر (ڪھاڻيون) نومبر ۱۹۹۲ع ۳. ھٿَ جِي وڍِي (ڪھاڻيون) ۱۹۹۹ ۴. ننڍڙي روپ وارا، چوڻيون ۽ پھاڪا اپريل ۲۰۰۲ع ۵. ورجيسون: پسمنظر ۽ ڪارج نومبر ۲۰۰۳ع ۶. موزون آکاڻين تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون آگسٽ ۲۰۰۴ع ۷. اترادي پھاڪا ۽ چوڻيون مارچ ۲۰۰۶ع ۸. لاڙي پھاڪا ۽ چوڻيون سيپٽمبر ۲۰۱۵ع ۹. ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون جُون ۲۰۱۶ع ۱۰. طبي پهاڪا ۽ چوڻيون ڊسمبر ۲۰۱۶ع ۱۱. ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون اپريل ۲۰۱۷ع ۱۲. گهاگهر منجهه ساگر (ھندڪو پھاڪا ۽ چوڻيون) جنوري ۲۰۱۸ع ۱۳. نصيحت آموز آکاڻين وارا پھاڪا ۽ چوڻيون مارچ ۲۰۱۹ع ۱۴. پهاڙي آخاڻ (پهاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون) آڪٽوبر ۲۰۲۰ع • تاليف/ ترتيب/ تدوين ۱. عبدالڪريم گدائي: روايت ۽ بغاوت جو شاعر جنوري ۲۰۰۶ع ۲. گل شڪر (نئين سر لکيل) مارچ ۲۰۱۱ع ۳. تنقيدون ۽ تجزيا- پروفيسر نذير احمد سومرو جنوري ۲۰۱۳ع ۴. موھيو مون کي جن- پروفيسر نذير احمد سومرو مئي ۲۰۱۵ع ۵. پهاڪن ۽ چوڻين بابت تنقيدي مضمون جولاءِ ۲۰۱۵ع ۶. ڳوٺاڻو ڳُـڙ (نئين سر لکيل) ڊسمبر ۲۰۱۵ع ۷. چونڊ سنڌي چوڻيون فيبروري ۲۰۱۷ع ۸. پهاڪن ۽ چوڻين بابت مقالا ۽ مضمون آگسٽ ۲۰۱۷ع ۹. پهاڪن جي پاٻوھ اپريل ۲۰۱۸ع ۱۰. شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلُو آڪٽوبر ۲۰۱۸ع ۱۱. شاھ جي شاعريءَ ۾ اصطلاحي عنصر فبروري ۲۰۲۱ع ۱۲. سوکڙي ڳالھين جي مارچ ۲۰۲۱ع سنڌسلامت ڪتاب گهر جي ٿورن سان

جيڪي ڪلهو ڏيندا آھن
سي توڙ بہ رسائيندا آھن

ڊائونلوڊنگ لاءِ في الحال موجود ناھي

وايہ
سنڌ سلامت ڪتاب گهر

ھڪجھڙيون ڀاڱيداريون

پنھنجي راءِ ڏيو

Back to top button